وَرُ جي سنڌي معنيٰ
مڙس، خاوند، گهوٽ، ڀتار، ڪانڌ. گهر وارو، مالڪ، والي. ڏِنگُ ڦِڏ، وڪڙ وٽ، پيچ، ڦير، ڦَندُ. واٽ، راھ. وِنگ، وراڪو، وٽُ، مَروٽ، مَروڙ، سَھٽُ، جهڪ، ولو، گهمتاري، چڪر، گردش. گيڙو، ڦيراٽي، وراڻو، ويڙهو،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Husband, male spouse, turn, twist, bend, curve, curl, coil, convolution, circuit, winding,centertion, crook, fold
وَرُ جا بيتن ۾ حوالا
وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]
مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ،
آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي.
ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ ڏوئِي،
ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، مُون وَرُ مارُو سوئِي،
کُوءِ سي طَعامَ پَتَنِ جا، وَرُ سا ڏونرِن ڏوئي،
جهانگِي جٖي جَهنگَنِ جا، سيڻَ ڪَمِيڻِيءَ سيئِي.
[ سُر مارئي، وايون، 27 ]

پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين،
جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]

اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو،
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]