وَرَ جي سنڌي معنيٰ
مڙس، خاوند، گهوٽ، ڀتار، ڪانڌ. گهر وارو، مالڪ، والي. ڏِنگُ ڦِڏ، وڪڙ وٽ، پيچ، ڦير، ڦَندُ. واٽ، راھ. وِنگ، وراڪا، وٽَ، مَروٽ، مَروڙ، سَھٽ، جهڪ، ولا، گهمتارا، چڪر، گردش. گيڙا، ڦيراٽا، وراڻا، ويڙها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Husband, male spouse, turn, twist, bends, curves, curls, coils, convolutions, circuits, winding,centertion, crooks, folds.
وَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي،
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
اَسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِھَيا،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيا، سَمُهان سِيارا،
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِئو وَرَ ٻيُنِ جا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 4 ]
مُنھُن ڏيئِي مُون آيا، سَمُهان سِيارا،
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِئو وَرَ ٻيُنِ جا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 4 ]
صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 23 ]
ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 23 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ،
وَڏِيءَ ويلَ آيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ،
ساڙِھي اَچَنِ سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سُٻَرَ،
ساڻُ وانڊِنِ وَرَ، پِرِين پَرَچَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 2 ]

اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ بَرَسي اَپارَ،
وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 19 ]
وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 19 ]
ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي وِڄُڙِي،
مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 3 ]
مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 3 ]
وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي وَسَ ٿِئي،
تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ،
تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 4 ]
تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ،
تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 4 ]
ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ،
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ،
جَو اَکِينُون اوڏو آھِ، سو پِرِين پَراھُون مَ چَئُہ.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 1 ]