وِردَ جي سنڌي معنيٰ
نيَم، معمول، وظيفو .دائمي ڪم، هرروز جو ڪم، هرروز بنا ناغي وارو ڪم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Repeated prayers, sacred chanting, chanting, incantations, recitation of the Qur'anic verse or a litany at a fixed time or in a fixed number.
وِردَ جا بيتن ۾ حوالا
جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيو،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ،
وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 20 ]

ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري،
مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري،
مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،
فَلَهُمْ اَجْرٌ غَیْرُ مَمْنُوْنٍ ، سامَينِ سَھجُ سَري،
پاڻان ٿِي پَري، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 15 ]

وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ،
ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 22 ]