ھوءِ جي سنڌي معنيٰ
ھُجي، ڪاش ائين ٿي، ائين ھجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May, must be, might be
ھوءِ جا بيتن ۾ حوالا
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
آئُون ٿِي چَڙَھان چوٽِيين، وَرَڻُ ھوءِ نَہ ھوءِ،
پاڙيچِي پَرِ توءِ، نِماڻِيءَ جو نِجِهرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 18 ]
پاڙيچِي پَرِ توءِ، نِماڻِيءَ جو نِجِهرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 18 ]
ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
مَنجهان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ نَہ پِرايو،
جي ھوءِ سَٽاڻِي سِينڱ، تَہ زِھَ ڇِني جوکو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 22 ]
جي ھوءِ سَٽاڻِي سِينڱ، تَہ زِھَ ڇِني جوکو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 22 ]
چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان،
جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 30 ]
جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 30 ]
چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو ھوءِ،
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 3 ]
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 3 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
مانَ مُنھِنجو ھوءِ، جانِي ھِنَ جَھازَ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 15 ]
مانَ مُنھِنجو ھوءِ، جانِي ھِنَ جَھازَ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 15 ]
English Meaning
May, must be, might be