اَوَلِ جي سنڌي معنيٰ
پھريائين، اڳ ۾، منڍ ۾، شروعات ۾، ابتدا وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
اول: مشرق ۾ دستور آھي، تہ ھرڪو ڪم خدا جي ساراھ سان شروع ڪبو آھي. حديث ۾ آيو آھي: کل امرذي بال لم يبدءِ باسم الله فھو ابتر“. يعني ”ڪوبہ وڏو ڪم جو خدا جي نالي سان شروع ڪيو نٿو وڃي، سو اڌوروئي رھجي ويندو“. اھو رواج نہ فقط مسلمانن ۾ آھي پر ھندن زردشتين وغيرہ ۾ پڻ.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
First, the first, initial,
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَوَلِ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 1 ]

سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون،
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]