اولي جي سنڌي معنيٰ
ڪاٺ جي ڊگهي لڪڙي (جنھن سان ٻيڙين جي پاسن کان پاڻي پري ڌڪبو آھي تہ ٻيڙيون اڳتي ھلنديون آھن.) ونجهہ، چپو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Oar. Pole with a flat blade, used to row or steer a boat through the water.
اولي جا بيتن ۾ حوالا
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
oar (n.)
"long wooden lever for propelling a boat," Middle English or, from Old English ar, from Proto-Germanic *airo (source also of Old Norse ar, Danish aare, Swedish åra), a word of unknown origin. Apparently unrelated to the IE root that is the source of Latin remus "oar," Greek eret?s "rower," eretmos "oar," English row (v.) and rudder. As "oar-like appendage of an animal," 1580s.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Oar. Pole with a flat blade, used to row or steer a boat through the water.