واڄو جي سنڌي معنيٰ
وڄائڻ جو ساز. دهلن، نغارن وغيره جو آواز، دَسُ. واڄٽ. گوڙ، آواز. گاج. ساز جو هڪ قسم، باجو، نغارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A musical instrument. Playing a drum, a round on a drum.
واڄو جا بيتن ۾ حوالا
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو،
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
English Meaning
A musical instrument. Playing a drum, a round on a drum.