ھُوءِ جي سنڌي معنيٰ
ھاڪ، ھاڪار، پچار، ڳالهہ، ناموس، ساراھ، تعريف، ثنا، نالو. ڌاڪو، دٻدٻو. هُل، آواز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Notoriety, fame، Beauty, sound, voice.
ھُوءِ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ ڏُونگَرَ ھُوءِ لَڪِيُون،
ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 10 ]
ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 10 ]
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي،
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا،
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي،
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]
ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ، مَنُ ماري ڪَرِ مُوءِ،
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي،
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون،
ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 12 ]