گِهڙُ جي سنڌي معنيٰ
اندر وڃ، اندر اچ، داخل ٿي، پَئُہ، گهِرِي وڃُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Be in, jump in, enter.
گِهڙُ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
اوراڙِ نَہ پَراڙِ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
سُڪِيءَ ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِئو مِڙيوئِي تارِ،
تُون گِهڙُ ڪِيمَ نِھارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪَري.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 12 ]
سُڪِيءَ ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِئو مِڙيوئِي تارِ،
تُون گِهڙُ ڪِيمَ نِھارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪَري.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 12 ]
English Meaning
Be in, jump in, enter.