گهِڙَنِ جي سنڌي معنيٰ
پير وجهنِ، اندر وڃنِ يا اچن. پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻنِ. گهِڙي پونِ، لنگهي وڃنِ، چُڀنِ، پيھنِ، درج ٿينِ، پَوَنِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Come in, dive, absorb, enlisten.
گهِڙَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]
گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 10 ]
ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 10 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ڀِنِيءَ ٿا ڀُڻڪَنِ، اوڙَڪَ اَباڻَنِ جا،
چَڙَهِيُون کَڻِئو چَوڦَرِيُون، ساٺِيڪا سِنجَنِ،
تَسِيارِيُون تَڙَنِ تي، پايو گَهنڊَ گهِڙَنِ،
سَويرِيُون سَھڙَنِ، کِي ۾ کَٿيرِنِ جُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 15 ]
چَڙَهِيُون کَڻِئو چَوڦَرِيُون، ساٺِيڪا سِنجَنِ،
تَسِيارِيُون تَڙَنِ تي، پايو گَهنڊَ گهِڙَنِ،
سَويرِيُون سَھڙَنِ، کِي ۾ کَٿيرِنِ جُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 15 ]
ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
English Meaning
Come in, dive, absorb, enlisten.