ڪَتُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَرت، ڏاس ڪَت ، ڪپھ، سِڻِي وغيرہ کي ڍيري يا چرخي وسيلي. وڪڙ ڏيئي ڌاڳو تيار ڪر، سُٽ تيار ڪر، ڌاڳو ٺاھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spin. Make threads from cotton or jute.
ڪَتُ جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 4 ]
ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 4 ]
مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَرُ ڏيِين، ڪَتُ ڪَبَندِي آءُ،
جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 17 ]
جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 17 ]
ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس ٿِئي،
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ،
ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئِين سين نِڃاڻِجي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 13 ]
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ،
ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئِين سين نِڃاڻِجي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 13 ]
English Meaning
Spin. Make threads from cotton or jute.