ڪُتي جي سنڌي معنيٰ
هڪ گهرو پالتو جانور، ڪلبُ، سَگُ. اصطلاح غلام، بندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dog
ڪُتي جا بيتن ۾ حوالا
جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،
بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ،
سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 5 ]

ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]

جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ،
لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 13 ]

ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي،
ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ،
ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ کان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 14 ]

اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي،
سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين،
آکي لَطِيفُ فَقِيرُ غَرِيبِي ڪِيجي، صَبُرُ شُڪر دِي گهُٽِڻي پِيجي،
دِلِ ڪُون چا نَصِيحَتَ ڪِيجي، نَفسَ ڪُتي ڪُون مارَڻُ ڪاتِي،
آکي لَطِيفُ فَقِيرُ مَين پِئا حُجري، ڪِتلي سالِ ڳَڻيندي گُذري،
اَڃا نَہ پَهتِي پِيَ ڪي مُجري، مَنَ ڪِنارِيءَ لاتِي.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 4 ]