پِيڙَ جي سنڌي معنيٰ
. دَرد ، پِيڙا. تڪليف ، آزار. پيڙڻ جي حالت. گهاڻي جي پِيڙَ. چِپَ. ڪَشٽُ. سوڙه، گهُٽَ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pain, anguish, trouble, distress, sickness, illness
پِيڙَ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]

ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]

يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا،
پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا،
جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون نِينھَن جا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 25 ]