پِيڙا جي سنڌي معنيٰ
آزار، مصيبت، درد، سُورُ. ڪشٽَ. بيماري، روڳ، اگهائي. تڪليف
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pain, illness, sickness, difficulty, agony
پِيڙا جا بيتن ۾ حوالا
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
English Meaning
Pain, illness, sickness, difficulty, agony