پُوڄا جي سنڌي معنيٰ
پرستش، عبادت، بندگي، پيروي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Worship, idolization.
پُوڄا جا بيتن ۾ حوالا
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ آديسيَنِ اُھڃاڻُ،
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 16 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ،
لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ،
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ تيرَٿُ پَسِين تَڪِيي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 15 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ،
خادِمَ خَلَقَ جِيئَن ڪَرِيين، اِيءُ راوَلَ وِڌو روڳُ،
ڀَڳَنِ ڪونِهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 17 ]