پُوڄارا جي سنڌي معنيٰ
پوڄا ڪندڙ، پوڄيندڙ. پرستش ڪندڙ، عابد، زاھد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Followers or disciples of the river priests, worshipers of the river, worshipers.
پُوڄارا جا بيتن ۾ حوالا
سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]

جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِئا،
پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 12 ]
پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 12 ]
ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ،
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]