پَر جي سنڌي معنيٰ
من اندر، پنھنجي پاڻ ۾ ئي، دل ئي ۾، دل اندر، اندر ئي اندر، پنھنجي من
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By own inner, by self, cordial
پَر جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي قِيامَتَ ڪارِي،
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 27 ]
اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ،
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ،
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]