پَرَ جي سنڌي معنيٰ
ٻاھريون، پرديسي. ڌاريو، اوپرو، اوڦٽو. (ظرف) پري، ڏُور، پرانھون.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Outsider, alien, strange, far away
پَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ،
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي،
ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي،
چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُھِي،
سُھِڻِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، وِڌو قُرِبَ ڪُھِي،
ھُونھِين ھُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 20 ]

اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]
پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ،
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
English Meaning
Outsider, alien, strange, far away