مَڱَ جي سنڌي معنيٰ
گهُرَ، پِنَ، گهرج، سوال.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Demand, request, need.
مَڱَ جا بيتن ۾ حوالا
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ٻِيجَلِيا ٻُڌاءِ مُون، ڪَھُ جا ڳالِهہ ڳَري،
پيٺين جِيئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،
ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 19 ]
پيٺين جِيئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،
ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 19 ]
مَڱَ نَہ جَهلِيا مُورَھِين، نَہ مُون پَنڌُ پَري،
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري،
سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پيرَ ڀَري، تو لَئِي آيو آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 20 ]
مَڱَ نَہ تُسي مَڱِڻو، نَڪِي مِلڪَ نَہ مالِ،
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ،
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
English Meaning
Demand, request, need.