ماھُ جي سنڌي معنيٰ
ماسُ، گوشت، ٻُوٽيون،
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Flesh, meat.
ماھُ جا بيتن ۾ حوالا
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]

پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ،
سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ،
ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 17 ]

ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ،
ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ،
اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان پِرِينءَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 21 ]

ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ،
فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 4 ]

جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ،
سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 30 ]

سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ،
واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 20 ]

گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُهہ نَہ پَچي ماھُ،
اِنَ ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئان، ٿِئي سَما جوڳُ سين سَڄَڻين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 20 ]

گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ نَہ پَچي ماھُ،
بُڻُ جَنھِن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آھِ اللهُ،
اُنَ کي اُوءِ جُڳاءِ، آن کي اِيئَن نَہ چَئِڻو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 21 ]