ماھَ جي سنڌي معنيٰ
ماسَ. (چنڊ جي حساب موجب) مھينا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Months, lunar months.
ماھَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ،
جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ، مُون اَڄاڻندي اُجِهئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 22 ]

اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]

اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو،
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 15 ]

وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ پَلِيين،
آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 16 ]

ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]

ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]

سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ،
وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ،
جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 5 ]

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]