جاجِڪُ جي سنڌي معنيٰ
راڳيندڙ، وڄائيندڙ، ڳائيندڙ، ڳائڻو. منگتو، پينو، گداگر. (آڳاٽي وقتن ۾ جاجڪ مرڻن پرڻن تي اچي ڳيچ يا اوسارا ڳائيندڙ. لاڏِر، رودالي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A class of Hindus who beat the damuru and performs other office in connection with the Brahman at marriages and deaths.
جاجِڪُ جا بيتن ۾ حوالا
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ،
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ،
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪَرِ تَنِي جِي ڪا، جاجِڪُ آھين جَنِ جو،
سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 36 ]
سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 36 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ،
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]