جاجِڪَ جي سنڌي معنيٰ
راڳيندڙ، وڄائيندڙ، ڳائيندڙ، ڳائڻا. منگتا، پينا، گداگر. (آڳاٽي وقتن ۾ جاجڪ مرڻن پرڻن تي اچي ڳيچ يا اوسارا ڳائيندڙ. لاڏِر، رودالي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Class of Hindus who beat the damuru and performs other office in connection with the Brahman at marriages and deaths.
جاجِڪَ جا بيتن ۾ حوالا
مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا،
تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 16 ]

چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]

چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]

جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]

مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ،
تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ،
سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 13 ]

سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين،
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 2 ]

جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ آئُون نَہ سِکِئو،
پاٺَ نَہ نِينِمِ پاڻَ سين، سَڳا جٖي سِياءَ،
سُڻُ رُونجهاڻِي راءَ، تو ريءَ تارِي ناھِ ڪا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 38 ]

جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي،
تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ،
تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ لَنگهَہ ڪِي ڇَڏِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 45 ]