اَڏِ جي سنڌي معنيٰ
ٺاھِ، جوڙِ، ڳنڍِ، بڻاءِ، تعمير ڪرِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Build, construct, develop, make.
اَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَھِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍُ،
اَڏِئو جَنِ وِرانڍُ، تَنِ سَوارو لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 9 ]

مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]

ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]

سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيارِيين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 26 ]

واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]

ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]

قَضا جِي ڪامَ ڪَرِ، وَقتَ وِڃائي ڇَڏِ،
”آئُون“ ”اَسِين“ ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 15 ]

تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي،
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]

ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ،
لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ.
آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،
تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 23 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ،
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]