اَڏي جي سنڌي معنيٰ
ٺاھي، جوڙي، تيار ڪري، راس ڪري، بڻائي، بنائي، اڏاوت ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Construct, develop, build, manufacture
اَڏي جا بيتن ۾ حوالا
اَڏي اَڏي اولَ، ڇَڏي وِئا ڀيڻِيُون،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 26 ]
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 26 ]
اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وَھِئا ڀيڻِيُون،
ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 27 ]
ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 27 ]
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي،
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن ڀَتين جِيءُ،
تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 30 ]
تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 30 ]
اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو،
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي،
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان،
ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ
پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون پيھِنِ وَٽِ،
مَرڪان مارُوئَڙَنِ سين، پَکو اَڏي پَٽِ،
سُورُ مُنھِنجو سُومَرا، ڪارَڻِ قادِرَ ڪَٽَ،
تِھَڙِي سيڄَ سُومَرا، جِھَڙو پائُرَ پَٽُ،
پيرُون چُونڊِيندِيَسِ پِرِينءَ سين، ڪانبو ڪانبيِ وَٽِ،
کِيرُون ڏِيان جيڏِيين، وَڃان جَي وَرَ وَٽِ،
مُون ڏُکِيءَ ڪِھَڙو ڏوھُ ڪِئو، ٻِيُون سَڀَ وَرَنِ وَٽِ.
[ سُر مارئي، وايون، 14 ]

کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي،
سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي،
وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي،
ڀِرِي ڀاڳِ وَڏي، مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 9 ]
سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي،
وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي،
ڀِرِي ڀاڳِ وَڏي، مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 9 ]
ڪا جَا راڻِي مَنَ ۾، جِيئَن نَہ ٿو دِلِ گَڏي،
مَحَلَ ماڙِيُون بَنگُلا، اوڏاھِين اَڏي،
مارِيَسِ اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن وِئو لڊُوڻي لَڏي،
ڀينَرُ ڀاڳِ وڏي، ڪَڏِھِين اِيندو ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 5 ]