اوٺِي جي سنڌي معنيٰ
اُٺ وارو، جت. اُٺَ سوار. قاصد، ريٻارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One mounted on a camel, a camel-rider.
اوٺِي جا بيتن ۾ حوالا
اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

مُون توکي پَرنِئا، اللهَ اوٺِي ۽ اُٺَ،
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا،
گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 19 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا،
گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 19 ]
اوٺِي اَڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي،
اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ سِجهائي ھَلِئا، ھُنِ جِي ھاجَ ھُئِي،
ڪَھِي سا رَھِي، ٻولِي ٻاروچَنِ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 21 ]
اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ سِجهائي ھَلِئا، ھُنِ جِي ھاجَ ھُئِي،
ڪَھِي سا رَھِي، ٻولِي ٻاروچَنِ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 21 ]
پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاھَرا،
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَکَڙا،
پَھَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڙِي ڏِينِ،
مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سانباھِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 23 ]
پَھَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڙِي ڏِينِ،
مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سانباھِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 23 ]
سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 9 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 9 ]
English Meaning
One mounted on a camel, a camel-rider.