اوٺِيا جي سنڌي معنيٰ
اُٺن سوارَ، اُٺن ھلائيندڙَ، جتَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Camel riders.
اوٺِيا جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
ڪا مُون مُڇيجاھُ، گهَڻِيُون گهُربِيان اوٺِيا،
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ ڪاھِيو،
جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو،
لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 2 ]
جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو،
لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 2 ]
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، چُئاڪا ڪِئو،
مُون کي ڏَءُ ڏِئو، اَئِين ٿا وَڃو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 6 ]
مُون کي ڏَءُ ڏِئو، اَئِين ٿا وَڃو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 6 ]
ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن،
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ،
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو دَمُ،
ميڙي ميندِيءَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، پَلَيءِ، راتِ لَڳَڙِي وَڃُ،
مُون تَوِھِين سين نَہ ڪِئو، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ سَڱُ،
جان ڪوھِيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئِي نَہ ڀَنگُ،
[ سُر ڪوھياري، وايون، 7 ]