آسَرَ جي سنڌي معنيٰ
آس، آشا، اميد، آسرو، آڌار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hope
آسَرَ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 25 ]

پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ،
جَو اَکِينُون اوڏو آھِ، سو پِرِين پَراھُون مَ چَئُہ.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 1 ]

ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]

اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا،
تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ،
اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي آھِيان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 16 ]

جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ پُڻ لِيلائيجِ،
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
ڌَڻِي سو وارِيين واءُ، جَو ميڙائُو سَڄَڻين،
وَنھِينءَ واٽَ مَٿان، ھِينئَڙي آسَرَ نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 1 ]

اَڄُ پُڻ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيان،
ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳانِ، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 2 ]