آسَرَوَندِي جي سنڌي معنيٰ
آس اميد واري، آسائتي. سِڪندڙ. اميدوارِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who desires, candidate, with hope.
آسَرَوَندِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ،
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
آھِيان جَنِ سَندِي، مُون کي سي نَہ ڇَڏِيندا ھوتا،
ويٺِي آھِيان واٽَ تي، آئُون آسَرَوَندِي،
پَهائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي، ڳِچِيءَ پائِي گَندِي،
پِرِينءَ پُڄاڻا جيڏِيُون، آئُون رَتِي تان نَہ رھندي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِڙَندي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 2 ]