ھِينئَرَ جي سنڌي معنيٰ
ھن وقت، ھن ويل، ھاڻي، ھن گهڙي، هيرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Now, this time. Right now.
ھِينئَرَ جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو مُون پَلَئِي پاءِ،
سُڻُ تُون، ڪَرِيان ڳالِهڙِي، آيُسِ آڳاھِينءَ جاءِ،
ھِيءُ ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، وَڍِ تَہ ويرَمَ نَہ ٿِئي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 16 ]
سُڻُ تُون، ڪَرِيان ڳالِهڙِي، آيُسِ آڳاھِينءَ جاءِ،
ھِيءُ ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، وَڍِ تَہ ويرَمَ نَہ ٿِئي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 16 ]
پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ،
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
English Meaning
Now, this time. Right now.