ھُئَڻَ جي سنڌي معنيٰ
هٺ، خودي، اهنڪار . وجود، هستي، بود. رهڻ. ڄمڻ، پيدا ٿيڻ. ويجهو ٿيڻ. ثابت ٿيڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be, beingness, existence, ego, esteem.
ھُئَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن،
لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 3 ]
لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 3 ]
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون،
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ پِئو،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جٖي ھُئَڻَ جُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 5 ]
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جٖي ھُئَڻَ جُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 5 ]
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]