ھَزارين جي سنڌي معنيٰ
هزارون، هزارن جي تعداد ۾ تمام گهڻا يا گهڻيون، بيشمار، انيڪ، لاتعداد، انداز کان ٻاهر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thousands, uncountable, limitless, hundreds of hundreds.
ھَزارين جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي،
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]
توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]
جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ،
ڪوجَهنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ريءَ ڪيرُ ڪَري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 6 ]
ڪوجَهنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ريءَ ڪيرُ ڪَري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 6 ]
English Meaning
Thousands, uncountable, limitless, hundreds of hundreds.