ھيبَتَ جي سنڌي معنيٰ
خوف، دهشت، ڀَؤ، ڊَپُ، ڏَرُ، خطرو، ڏهڪاءُ، رُعب، ڌاڪو، ڌاڪ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Terror, fright, horror.
ھيبَتَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ،
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
English Meaning
Terror, fright, horror.