ھاڙھو جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي کان اولهہ پاسي ھڪ جبل جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a mountain in western side of Lasbela.
ھاڙھو جا بيتن ۾ حوالا
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ،
ھاڃي تان نَہ ھَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 12 ]
ھاڃي تان نَہ ھَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 12 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻي، گَسَنِ تان مَ گُسانِ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي مانَ رَسان،
پُنهون شالَ پَسان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 4 ]
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي مانَ رَسان،
پُنهون شالَ پَسان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 4 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان،
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 5 ]
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 5 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏُونگَرَ کي،
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
کُوءِ ھاڙھو ٻَنِ ھوتُ، کُوءِ پُنهون ٻَنِ پِرَيتَڻُو،
مادَرِ مُون مَوتُ، پَسَڻان پِرايو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 17 ]
مادَرِ مُون مَوتُ، پَسَڻان پِرايو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 17 ]
نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو،
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
سَسُئِيءَ کي ساڙو، لِکِئو آھي لوحَ ۾،
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
English Meaning
Name of a mountain in western side of Lasbela.