ڳَچُ جي سنڌي معنيٰ
جهجهو، ڪافي، جال، جام، هيڪاندو، زيادہ، وڌيڪ، گهڻ گهڻيون، ڳپل، ٽُڪر، ڀاڱو، حصو، ٽوٽو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Much, a great deal, many.
ڳَچُ جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين،
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]
جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]
سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ جو ڳَچُ،
سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 2 ]
سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 2 ]
جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ،
ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ،
ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ، ھُتِ حَرَفُ نَہ ھَلَندُءِ ھِڪِڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 11 ]
ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ،
ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ، ھُتِ حَرَفُ نَہ ھَلَندُءِ ھِڪِڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 11 ]
English Meaning
Much, a great deal, many.