گِهڙَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ٽٻي هڻڻ پاڻيءَ ۾. داخل ٿيڻ، گهِڙي وڃڻ، لنگهي وڃڻ، چُڀڻ، پيھڻ، درج ٿيڻ، پَوَڻ. پيرو وجهڻ، اندر وڃڻ يا اچڻ. ڪنھن ڪم جي شروعات ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coming in, insertion, diving, initiating.
گِهڙَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي،
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]

تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]