گُڙَنِ جي سنڌي معنيٰ
گُرڻ، آواز ڪرڻ، گجڻ. گوڙ ڪرڻ. مست اُٺ جو آواز ڪرڻ. هاٿيءَ جو چنگهار ڪرڻ. چَپن ۾ ڳرو ڳالهائڻ، (گُڙيو، گُڙندو، گڙيل).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roaring, make sounds, sounding, woofing, making noises, thundering.
گُڙَنِ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ گُڙَنِ،
تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 18 ]
تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 18 ]
مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾،
آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 12 ]
آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 12 ]
مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪُنِ سُونھَنِ پَھِيڙا،
سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 13 ]
سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 13 ]
English Meaning
Roaring, make sounds, sounding, woofing, making noises, thundering.