گَڏُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَٺو، ڀيڙو، همراھ، لاڳيتو، ساٿ، شامل، گڏيل، ساڻ، مشترڪ، سهڪاري، شراڪتي، ڀائيوار، حصيدار، جوڙيدار، ٻِٽو، سَنگي، پتيار. جهجهو، گهڻو، هيڪاندو، زياده.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Together, jointly.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
گَڏُ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 22 ]
سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾،
جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 32 ]

ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين،
ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ سُڻايان دِلِ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 25 ]

مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ،
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]

مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ،
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]

چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين،
ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 8 ]

ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو،
نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ،
سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ ڏُئِلِيءَ چاڙِھِئِو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 25 ]

چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي خَلَقِئا رُوحَ خُدا،
گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ،
مُون تَوِھِين سين آھِ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 7 ]

مارُو رَهَنِ مِٺي، ڪَوڙي رَهَنِ نَہ ڪَڏِهِين،
عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٿِئَڙَمِ ڏِينھَن ڏِٺي،
اُنِين ساڻُ اُٺي، گَڏُ گُذارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 13 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]