ڪِھو جي سنڌي معنيٰ
ڪھڙو؟
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Which?
ڪِھو جا بيتن ۾ حوالا
ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو،
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
عُمَرَ ٻَنِ جِيوءِ، کُوءِ مُنھِنجو سُومَرا،
جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ،
وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 8 ]
جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ،
وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 8 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
English Meaning
Which?