ڪِيئَن جي سنڌي معنيٰ
سوال ڪرڻ ۾ ڪم ايندڙ لفظ، ڪھڙي رستي؟ ڪھڙي نموني؟، ڪھڙيءَ طرح؟، ڪھڙيءَ واٽ؟، ڪھڙيءَ ريت؟
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
How? In what way? What kind of, what like?
ڪِيئَن جا بيتن ۾ حوالا
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو،
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو ساھُ وَھِيو سيڻانِ آيَلِ آيَلِ!
مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،
سو ڪِيئَن ھِينئَڙو جَهلِئان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،
مُون وِئَڙا نَہ وِسَرِي، ھُو جي نِينھَن ڀَرِئا نيڻانِ.
[ سُر حسيني، وايون، 27 ]
مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،
سو ڪِيئَن ھِينئَڙو جَهلِئان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،
مُون وِئَڙا نَہ وِسَرِي، ھُو جي نِينھَن ڀَرِئا نيڻانِ.
[ سُر حسيني، وايون، 27 ]
عُمَرَ اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِيئَن ڪَنِ،
جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن،
ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن سَتِيُون سُومَرا،
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 13 ]
جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن،
ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن سَتِيُون سُومَرا،
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 13 ]
سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،
حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 7 ]
حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 7 ]
لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]

ڄارِيُون ناڙِيُون نيسَ، آئُون ڪِيئَن ويڙِه وِساريان،
ڍُرڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪارا جَنِي ڪيسَ،
عُمَرَ ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ جِي.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 14 ]
ڍُرڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪارا جَنِي ڪيسَ،
عُمَرَ ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ جِي.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 14 ]
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
English Meaning
How? In what way? What kind of, what like?