ڪُڇَنِ جي سنڌي معنيٰ
چوَن، ڳالهائن، حال احوال ڪن، ڳالهہ ڪن، آکن، بيان ڪن. ٻولن، ڪھن. ڳرهن، ڳالهہ ٻول ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To tell, utter, murmuring, say
ڪُڇَنِ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]

ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 1 ]

کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ،
مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 27 ]

ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ اَکِيُنِ سين،
اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 14 ]

نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]

ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ،
لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ،
ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي، ھِتِ رِڇائِي ريٺِ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ جِي، مُندائِتِي ميٺِ،
سَرَھِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِي ويٺِ،
ڏيھِيا مُون سين ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ ڪِجاھُ ماڙِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 25 ]

ڇَنِ نَہ ڇَڄي آھِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ،
اِيندي پِئَڙَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ،
ھَٿَڙِيُون ھَٿَنِ، ڄَنگهُون ٻانھون ڪاٺَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 26 ]

جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، مَڻِيو تَنِ مَٿَنِ،
ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ،
اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن جوکو ٿِئي جانِ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 15 ]

ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ،
وَرَ ري وانڊِنِ اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ،
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ڪَنھِن کي ڪارُون ڪَنِ،
ڪَلِهيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 24 ]

سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ،
جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 6 ]