ڪَڪا جي سنڌي معنيٰ
ميرانجهڙا، ھلڪا ڀُورا، ناسي رنگ جا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of a brown complexion, tawny.
ڪَڪا جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ،
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]
ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ،
يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 12 ]
يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 12 ]
English Meaning
Of a brown complexion, tawny.