ڪَڙو جي سنڌي معنيٰ
در جي طاقن کي سوگهي ڪرڻ لاءِ ڪنڍو، تاڙي. زنجير جو ھڪ بڻيادي حصو. ٻيڙي وجهڻ لاءِ ڪاڄ، ڪاز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wicker or reed frame for doors, walls etc. A hurdle. A mat of woven wattles placed in bottom of boats.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪَڙو جا بيتن ۾ حوالا
سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ،
تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 32 ]

جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو،
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]

ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

اَکِيُنِ کي اُتومِ، مَتان اِتِ اَڙو،
ڪُنجِي ڪُرفُ ڪَڙو، ٽيئي ھَٿِ حَبِيبَ جي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 11 ]

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ،
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 19 ]