ڪَپِئو جي سنڌي معنيٰ
وڍئو، ڪاٽئو، ڪٽيو. ڪتريو. جُدا ڪيو، الڳ ڪيو، ڌار ڪيو، ٽوڙيو، ڇنو، پَٽيو. چَهَڪُ ڏنو، زخمي ڪيو، چير ڏنو. ٻيرا ڪيو. ڳَترا ڪيو، ٽُڪر ٽُڪر ڪيو، ڳَڀا ڪيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cut, slaughter.
ڪَپِئو جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين،
ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ،
تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلير تي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 19 ]
ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ،
تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلير تي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 19 ]
English Meaning
To cut, slaughter.