ڪَفَنَ جي سنڌي معنيٰ
ميت کي دفنائڻ وقت ڍڪڻ جا ڪپڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cloth in which a dead person is wrapped for burial, shroud, winding-sheet, grave-clothes.
ڪَفَنَ جا بيتن ۾ حوالا
مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا،
وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي،
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
عِمارَتَ اَنڌَنِ جِي، ڊاٺائِين ٿو ڊاھي،
عَجِّلُوا بِالتَّوْبَةِ قَبْلَ الْمَوْتِ ، ويھُ تُون ويرَمَ لاھي،
پِريان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويھُ سَنباھَي،
نِبا گهوٽَ گهَرَنِ ڏي، وَڏِيءَ ويرَ وَناھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نِبا ڪَفَنَ پَراھي.
[ سُر آسا، وايون، 7 ]