ڪَسَرَ جي سنڌي معنيٰ
اُپَت، کَٽيو، لاڀُ، پراپَت، فائدو، اُپراسو. واڌَ، واڌي، زيادتي،گهڻائي، اڪثريت، جهجهائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A saving, a gain.
ڪَسَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
English Meaning
A saving, a gain.