ڪَرَھي جي سنڌي معنيٰ
اُٺ، ڏاگهي، توڏي، ڪَرَھ، مَيي، ڪنواٽ. (ھڪ قسم جي پالتو جانور نالي اُٺ جي ڳالهہ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A camel, young camel. A name in Sindhi for the camel.
ڪَرَھي جا بيتن ۾ حوالا
دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ مَسَ رَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 14 ]
نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين،
اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 17 ]
اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 17 ]
وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 20 ]
ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 20 ]
وَڏَپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 21 ]
کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 21 ]
ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي،
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي،
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
English Meaning
A camel, young camel. A name in Sindhi for the camel.
ڪَرَھي ٻول جا زمرا