ڪيڏانھَن جي سنڌي معنيٰ
ڪاڏي، ڪٿي، ڪھڙي پاسي، ڪيڏانھون، ڪيڏانئين، ڪيڏانئون، ڪيڏنھون، ڪيڏهن، ڪيڏنئون، ڪيڏنئن، ڪيڏنھين، ڪِڏنئين، ڪيڏي، ڪھڙي طرف، ڪھڙي ڏِس، ڪنھن وٽ، ڪيڏھان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Where? at what place? Whither, where about, whereto (specially for question).
ڪيڏانھَن جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪوھُ ٿِئو، ڪيڏانھَن ٿِي وَڃان،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، موڙِئو سَڀَ ڀَڃان،
ٻِيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مُون ھارِيءَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 14 ]
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، موڙِئو سَڀَ ڀَڃان،
ٻِيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مُون ھارِيءَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 14 ]
مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون،
ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان،
ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو،
ھَنڌَ حَويلِيُون حُجرا، پِڙُ پِيراڻون خاصو،
سَيِّدُ سَڀَنِئان سُھِڻو، نُورُ نَبِيءَ جو خاصو،
جَنِ ڪَڍِئو تَنِ ڪوٺِئو، ٿِئَڙو لوڪَ تَماشو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 4 ]

ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ پِرِينءَ جو،
ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ،
اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ،
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪيڏانھَن ڪَري نِيَتِيان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 5 ]
ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ،
اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ،
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪيڏانھَن ڪَري نِيَتِيان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 5 ]
ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،
ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ،
پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 6 ]
ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ،
پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 6 ]
اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]
مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ،
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
ڪيڏانھَن ڪَتَڻَ وارِيُون اولاڻِيَنِ اَرٽَ،
لُڙجَنِ لاکيڻِيُنِ جُون، پَھِيُون مَٿي پَٽَ،
اوبَڻُ ۽ اَرٽَ، ڇَڏي پيٺِيُون ڇَپَرين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 33 ]