ڪيفَ جي سنڌي معنيٰ
خمار، مَڌ، مَو، نشو شراب يا عشق وغيرہ جو. ننڊاکڙائي، نِنڊر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sedation, hangover
ڪيفَ جا بيتن ۾ حوالا
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]

گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ،
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
English Meaning
Sedation, hangover