ڪوھِيارو جي سنڌي معنيٰ
ڪوه وارو، جبل جو رَهاڪو، ڪوهِيارُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mountaineer, of the mountains, person who lives in mountains.
ڪوھِيارو جا بيتن ۾ حوالا
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي،
چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي،
ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 6 ]
چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي،
ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 6 ]
ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون سَڱُ ٿِئو،
ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون،
آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 9 ]
ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون،
آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 9 ]
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي
سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيارو وِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 20 ]
سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيارو وِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 20 ]
سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي،
ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي،
ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان جي آئُون ماري،
ھِندُوئَنِ جِيئَنِ ھولِي ڪَري، ڌُوڙِ مَٿي تان مُون وارِي،
مُون کي ڳَهَر ڳرو ڪِئو، نِنڊَ نِندورِيءَ آئُون کارِي،
چُڪِيءَ کي چاڙِھي نِيو، بوتا ھُئَڙا بارِي،
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي آرِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 5 ]